SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وچ ۽ ڏکڻ آفريقا جي گڏيل منڊي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وچ ۽ ڏکڻ آفريقا جي گڏيل منڊي

COMESA Common Market for Eastern and South Africa

ڪامن مارڪيٽ فار ايسٽرن ائنڊ سائوٿ ايفريڪا

وچ ۽ ڏکڻ آفريقا جي 19 ملڪن، برونڊي، ڪوموروس، ڪانگو، جبوتي، مصر، اريٽيريا، ايٿوپيا، ڪينيا. لبيا، مڊگا سڪر، ملاوي، ماريشس، روانڊا. سيشليز. سوڊان، سوازي لئنڊ، يوگنڊا، زمبيا ۽ زمبابوي جي ملڪن تي ٻڌل هڪ واپاري اتحاد، جنهن جو مقصد ميمبر ملڪن جي پيداواري ذريعن کي وڌائڻ، علائقي جي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۾ واڌ ۽ امن امان جي بحالي آهي. اتحاد جو بنيادي نعرو ”علائقا تعاون ذريعي معاشي خوشحاليءَ جو حصول آهي. اتحاد ۾ شامل ملڪن جي آدمشماري 40 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ۽ باهمي ڪاروبار جو دائرو 82 بلين ڊالر آهي ۽ اهو بيروني توڙي باهمي واپار جي حوالي سان آفريقا جو هڪ اهم فورم آهي. ڊسمبر 1984ع ۾ جڙيل هن اتحاد جي ترجيح، علائقي ۾ آزاد واپار، محصولياتي تعاون، ڪمپيوٽر ۽ ٻي سائنسي ٽيڪنالاجيءَ جي ڏس ۾ تعاون وڌائڻ، خانگي شعبي جي سهائتا ڪندي، کيس قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي فائدو ڏيندڙ معاشي ۽ ڪاروباري پاليسيون جوڙڻ آهي. انهيءَ ترجيح جي نتيجي ۾ علائقي اندر زرعي توڙي صنعتي پيداوار وڌڻ سان گڏ، مستحڪم منڊيءَ جو قيام، قدرتي وسيلن جو مناسب استعمال ۽ بهتر مالياتي سرشتن جو بنياد ممڪن ٿيو آهي. هن اتحاد کي واپاري ترقياتي بئنڪ (نيروبي) ڪليئرنگ هائوس (هراري) چمڙي جو ادارو (اٿيوپيا) ۽ انشورنس ڪمپني (نيروبي) سميت ننڍا وڏا ڪيترائي ڪمائتا متحرڪ شعبا آهن


Remember Me Also:

شست

ث. ف. هدف ، نِشان ، چِشت تير جو. آڱوٺو ، آڱر.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal